भारतीय भाषाओं द्वारा ज्ञान

Knowledge through Indian Languages

واريسر پڇيل سوال

ڀارتواڻي پروجيڪٽ بابت عام جنتا کي ڄاڻ ڏيندڙ نوٽ

ڀارتواڻي ڇا آهي؟ ان پروجيڪٽ پٺيان ڪهڙي فيلسوفي آهي؟

ڀارتواڻي هڪ پروجيڪٽ آهي جيڪو هڪ پورٽل دواران ملٽيميڊيا (لفظي، آوازي، ويڊيو، تصوير) جو اّپيوگ ڪندڙن کي ڀارت جي سڀني ٻولين لاءِ ۽ سڀني ٻولين ۾ ڄاڻ جا وڪلپ ميسر ڪري ٿو. هي پروجيڪٽ سڀني کي جوڙيندڙ هڪ ٻئي تي اَثردايڪ، ڊائنامڪ ۽ ماڊرن ٿيندو.

 هيءُ ڀارت کي ڊجيٽل انڊيا جي يگ ۾ اوپن ناليج سوسائٽي بڻا.ڻ جو خيال آهي.

ڀارتواڻي ناليج پورٽل جا لاڀ وارا ڪير آهن؟

ڀارتواڻي سماج جي سڀني ورگن لاءِ پهچ جي قابل آهي  جنهن ۾ ڪهڙي ب عمر وارا، جنس، آوڪ، پڙهائي يا پٺ. (فارمل يا انفارمل) وغيره

ڀارتواڻيءَ جو جملي فهرست ۽ مضمون ڪهڙيءَ ريت آهي؟

ڀارتواڻي سڀني ٻولين جي ڄاڻ کي سرڪاري توڙي غير سرڪاري سنسٿائن، ايجيوڪيشنل سنسٿائن، بورڊ آف ايجوڪيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ٽيڪسٽبوڪ، يونيورسٽيز، اڪئڊيمڪ، پبليڪيشن هائوس وغيره وٽان ملٽيميڊيا فارميٽ ۾ گڏ ڪندي.

ڀارتواڻي پرائيويٽ سنسٿائن کي پڻ پنهنجو اپيوگي ڪنٽينٽ آن لائين شيئر ڪرڻ لاءِ وينتي ڪندي.

ڪنٽينٽ جي اڳرائي ۽ پسندگيءَ کي منظور ڪرايو ويندو. ايڊيٽوريل ڪميٽي صلاحڪار ڪميٽيءَ دواران نڪي ڪئي ويندي.

ڀارتواڻيءَ جو مکيه مقصد ڄاڻ واري ڪنٽينٽ کي پبلش ڪرڻ جو آهي.

ڀارتواڻي ڪنٽينٽ جي ڪوالٽيءَ جو يقين ڪيئن ڏياري ٿي؟

ڀارتواڻي وشيه ماهرن دواران ڪريئيٽ ڪيل ڪنٽينٽ کي پبلش ڪرڻ جي شروعات ڪندي ۽ ناموري انسٽيٽيوٽس جي پبلش ڪيل ڪنٽينٽ جو پڻ پبلش ڪندي جنهن جي شروعات خود پاڻ سي. آءِ. آء.ِ ايل. کان ڪندي.

نئين شايع ٿيل ڪنٽينٽ لاءِ ڀارتواڻي کي پنهنجي تيار ڪيل هر ٻوليءَ جي ايڊيٽوريل ڪميٽي آهي.

ڀل بنا وارو ڪنٽينٽ پبلش ڪرڻ لاءِ هر ترتيب برپا ڪئي ويندي.

ڇا ڀارتواڻي ڀاشاڪيه آءِ. ٽي. ٽولس پبلش ڪندي؟

ڀارتواڻي ڀارت جي سڀني ٻولين جي موجود، اپڊيٽيڊ آءِ ٽي ٽولس لاءِ هڪ پليٽفارم تيار ڪندي.

اها منسٽري آف ڪميونڪيشن ائنڊ آءِ ٽي (ايم سي آءِ ٽي) کان به سهڪار وٺندي، جيڪا ٽولس ڊيولپ ڪندي آهي پنهنجي ايجنسين دواران جيئن ته ٽي. ڊي. آءِ. ايل.، ڀاشاڪيه ٽولس جهڙوڪ فونٽس،سافٽويئر، ٽائيپنگ ٽولس، موبائيل ائپس، ملٽي لئنگويج ٽرانسليٽ ٽولس، ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ، اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ وغيره سوءُلي نموني موجود ٿين.

ڀارتواڻيءَ جا سماج لاءِ وڏي پئماني تي ڪهڙا لاڀ آهن؟

ڀارتواڻي ڀارتيه ڀاشائن _ ماتر ڀاشائن کي انٽرنيت ذريعي وڏي پئماني تي ڏيکاريندي، نتيجي طور نئين پيڙهيءَ کي اتساه ملندو پنهنجي ڀاشا _ ماتر ڀاشا کي اپيوگ ڪرڻ جو، آن لائين مشغولين ۾ جهڙوڪ بلگس لاءِ ، سوشيل ميڊيا لاءِ، سکڻ وغيره لاءِ.

ڀارتواڻي خطري ۾ پيل، لگو، لگومتي ۽ ڳوٺاڻين ڀاشائن ، ماترڀاشائن کي سائبر سپيس ۾ هڪ مهتو جو اسٿان ڏياريندي.

ڀارتواڻي ڀارت جي سڀني ڀاشائن ماترڀاشائن کي ڀارت جي سڀني ڪميونٽيز سان هڪجهڙو جوڙيندي، ڏورانهين علائقن ۾ پهچندي ۽ ڪلچرل اويئرنيس ائنڊ اويئرنيس کي پروموٽ ڪندي.

ڇا ڀارتواڻي سرڪاري انفرميشن پبلش ڪندي؟

ڀارتواڻي کيتيواڙي، ڌنڌو، پڙهائي، سوشل سيڪٽر، ٻين امپورٽنٽ ۽ ضروري پورٽلس کي هڪ پورٽل تي آڻيندي جيئن سڀ ڀارتواسي هڪ ئي پورٽل تان انفرميشن ۽ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن.

هن وقت ڪهڙيون ڀاشائون ڀارتواڻيءَ ۾ سمايون ويئون آهن؟

هن پهرين سال ۾ ڀارت جي شيڊيوئل ۾ آيل 22 ڀاشائون (اسامي، بينگالي، بوڊو، ڊوگري، گجراتي، هندي، ڪنڙ، ڪشميري، ڪونڪڻي، مليالم، منيپوري، مئٿلي، نيپالي، اوڊيا، پنجابي، سنتالي، سنسڪرت، سنڌي، تمل، تيلگو ۽ اردو) کي سمايو ويندو. تنهن کانپوءِ ٻين ڀاشائن کي پڻ سمايو ويندو.

ڀارتواڻيءَ جا ڪهڙا فزيڪلي ٽارگيٽ آهن؟ ڀارتواڻيءَ ۾ پبلش ڪرڻ ۾ ايندڙ ڪنٽيٽ جا ڪهڙا قسم آهن؟

ڀارتواڻي پنهنجي پهرين ۽ ٻئين سال درميان ڄاڻ ڏيندڙ ڪنٽينٽ  کي ڊيوپلپ ڪرڻ ۾ اڳرائي ڏيندي اڳيان ايندي.

ڀارتواڻي هيٺين ڪمن لاءِ ڪم ڪندي.

  ڀاشا ۽ ساهتيه جي دستاويزن کي ڊجيٽل، اليڪٽرونڪس فارميٽ ۾ محفوظ ڪرڻ جو ڪم ڪندي.

اسڪرپٽس ۽ ٽائيپوگرافي ڪوڊس کي ڊزائين ۽ فارميوليٽ ڪندي.

ڊڪشنريون ۽ اصطلاحن، خاص لفظن کي تيار ڪندي.

ساهتيه (لکيل توڙي زباني) ۽ ناليج ٽيڪسٽ جو ماڊرن ۽ ڪلاسيڪل ڀاشا ۾ انوواد ڪرائيندي.

آنلائين ڀاشا سيکارڻ، سکڻ ۽ ڀاشا استادن کي سرٽيفڪيشن ٽريننگ ڏيڻ جو موجوده ڪرائيندي ۽ ساڻ گڏ آنلائين ڀاشا امتحان وٺڻ ۽ پيپر چيڪ ڪرڻ جو ڪم ڪندي.

ڇا ڀارتواڻيءَ ۾ پبلش ٿيل ڪنٽينٽ کي مفت ۾ حاصل ڪري سگھبو؟ ڀارتواڻيءَ جو ڪنٽينٽ ڪهڙيءَ ريت ڪاپيرائيٽ سرڪشت آهي؟

ڀارتواڻي نئين پيڙهيءَ جو پورٽل آهي جنهن جو مقصد آهي ڄان (ناليج) کي عام سان ورهائڻ، خاص طرح ڀارتيه ناگرڪن سان. تنهنڪري سمورو ڪنٽينٽ جيڪو ڀارتواڻيءَ تي موجود آهي ان کي پڙهائيءَ ۽ خوجنا لاءِ مفت اپيوگ ڪري سگھجي ٿو.

پورٽل ڪاپيرائيٽ (امينڊمينٽ) ائڪٽ 2012 سان ٻڌل آهي، جيڪو ڪجه مشغولين کي الوو ڪري ٿو ڪاپيرائيٽ ڀڃڪڙي نه ڪندڙ سيڪشن 52.

ڇا پرائيويٽ سنسٿائون ۽ شخصي طور ماڻهو ڀارتواڻي ۾ حصيدار ٿي سگھن ٿا؟ ڇا ڀارتواڻي ان ڪنٽينٽ لاءِ ڪجھ معاوزو ڏيندي؟

ها. عام جنتا جي مفت اپيوگ لاءِ تيارڪيل اصلي ڏندڪٿائون يا ناليج ڪنٽينٽ تي افر ڪري سگھي ٿي.ليکڪ خاصيت انهن جي ڪنٽريبيوشن ۾ ڏني ويندي. ايڊيٽوريل ڪميٽيءَ دواران منظور ڪيل ساهتيه کي ئي سويڪار ڪيو ويندو.

ڀارتواڻي آنلائين ٽولس ڏيکاريندي جيئن هرڪو پنهنجو ڪنٽينٽ پنهنجي ڀاشا يا ماترڀاشا ۾ ڏيئي سگھي.

نئشنل ائڊوائيزري ڪميٽي ڪنٽينٽ لاءِ ۽ انجي اپيوگ جي آڌار تي انعام جا نرخ ظاهر ڪندي.

ڪهڙيءَ طرح ڀارتواڻي فزيڪلي مقابلي لاءِ پهچ جي ٿيندو؟

ڀارتواڻي پورٽل کي ڊيولپ ڪرڻ لاءِ ڀارت سرڪار جي گائيڊلائين جي پوئواري ڪندي.

ڀارتواڻي ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ يوٽيلٽي کي مفت ۾ شريق ڪندي جيئن ويبسائيٽ جو ڪنٽينٽ نظر جي دعوي ڪندڙ پڻ پڙهي سگھن.

ڇا ٿيندو جيڪڏهن ڪو ڀارتواڻي تان انفرميشن چوري ڪري ٿو؟

ڀارتواڻي عام طرح سان جنتا تي وشواس ڪري ٿي.ڪوبه غلط ٻاهر آيل ڀارتواڻي ڪنٽينٽ اسانجي جلد ئي نظر ۾ اچي ويندو. ڀارتواڻي پنهنجي ڪنٽينٽ جو اپيوگ سکڻ لاءِ ۽ بوليءَ جي ڦهلاءُ لاءِ ڪري ٿي جيڪو ڀارت جي شاهڪار ٻولين ۽ سنسڪرتيءَ (ڪلچر) جي وارثي کي سنڀالي ٿو.

ڀارتواڻيءَ جو انتظامي جوڙجڪ ڪهڙو آهي؟

ڀارتواڻي هنن دواران هلائي وڃي رهي آهي…

نئشنل ائڊوائيزري ڪميٽي ماهر ڀاشاڪيه ۽ ڄاڻو ماهر

ٽيڪنالاجي ائڊوائيزري ڪميٽي جيڪا ٽيڪنالاجيڪل ضرورتن ۽ لئنگويج ٽولس جي رهنمائي ڪري ٿي.

ڀاشاوار ايڊيٽوريل ڪميٽي جيڪي ڀارتواڻيءَ لاءِ ڪنٽينٽ گڏ ڪن ٿيون.

ڀارتواڻي ڪٿي آيل آهي؟

ڀارتواڻي سي. آءِ. آءِ. ايل. مئسور، ڪرناٽڪ جي ڪئمپس ۾ آيل آهي.

پوسٽل ائڊريس

ڀارتواڻي پروجيڪٽ

سينٽرل انسٽيٽيوٽ آف انڊين لئنگويجز (سي. آءِ. آءِ. ايل)

مانس گنگوتري، هنسور روڊ،

مئسور 570006

 فئڪس  نمبر 91-821-2515032    فئڪس  نمبر (آفيس)

ئي ميل   :   info@bharatavani.in

Search Dictionaries

Loading Results

Follow Us :   
  Download Bharatavani App
  Bharatavani Windows App